Notice: file_put_contents(): Write of 642 bytes failed with errno=28 No space left on device in /www/wwwroot/muzbon.net/system/url_helper.php on line 265
Harsakhiyan - Tiri Pawanda | Скачать MP3 бесплатно
Tiri Pawanda

Tiri Pawanda

Harsakhiyan

Длительность: 5:51
Год: 2019
Скачать MP3

Текст песни

ڀلو ٿيئي ڀلا پِرِين
ھيئن نہ مناسب ھوءِ
چِتُ لائي چَریو ڪري
پاڻَ ڪڍي وئين پوِءِ
توڙي حُبَ نہ ھوءِ
توڙي حُبَ نہ ھوءِ
تہ بہ ھوتَ نہ ڪجن ھيتريون

ٽِڙِي پوندا ٽارِئين جڏھین ڳاڙھا گُلَّ، اَلو ميان
تڏھین مِلنداسِين
ھو تڏھین مِلنداسِين
الله ھو، الله ھو

الله
ڳلن ڳوڙھا ٽِمَندا
ھو الا
الله
ڳلن ڳوڙھا ٽِمَندا
جڏھین موتِيُنِ
جڏھین موتِيُنِ تُلَّ، اَلو ميان
تڏھین مِلنداسِين
ھو تڏھین مِلنداسِين
الله ھو، الله ھو

الله
وري وَرنديُون ڪُونجڙيون
ھو الا
الله
وري وَرنديُون ڪُونجڙيون
ھَرَهَرَ ڪري
ھَرَهَرَ ڪري ھُلَّ، اَلو ميان
تڏھین مِلنداسِين
ھو تڏھین مِلنداسِين
الله ھو، الله ھو

الله
وِڇوڙي جا ڏِینھڙا
ھو الا
الله
وِڇوڙي جا ڏِینھَڙا
ڀورائِيءَ جِي
ڀورائِيءَ جِي ڀُلَّ، اَلو میان
تڏھین مِلنداسِين
ھو تڏھین مِلنداسِين
ھو تڏھین مِلنداسِين